انقرا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره ڪترينا ڪيف به ترڪ ڊرامي ارطغزل غازي جي ديواني نڪتي، سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف ٽائيگر 3 جي شوٽنگ لاءِ ترڪ ۾ موجود آهن، ڪترينا جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن صحافي هن کان سوال ڪري ٿو ته ڇا اوهان کي ترڪ ڊراما وڻندا آهن؟، جنهن جي جواب ۾ ڪترينا ڪيف چوي ٿي ته ارطغزل پسنديده ڊرامو آهي، ان جون 85 قسطون ڏٺيون آهن.
