ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي خوبصورت اداڪارائن ماڌوري دڪشت ۽ ارميلا مٽونڊڪر جي گڏ رقص واري وڊيو ڌوم مچائي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره ارميلا ڊانس شو جي خاص جج بڻجي وئي آهي، ماڌوري دڪشت طرفان ٻنهي جي رقص جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي.
