ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾سڀاڻي کان ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جي سربراهي ۾پرائيويٽ اسڪولز ۽ ڪاليجز جو اعليٰ سطح اجلاس ٿيو، جنهن ۾سيڪريٽري اسڪولز اڪبر لغاري، سيڪريٽري ڪاليجز طالب حيدر ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، صحت کاتي جي تجويز تي سومر ڏهاڙي کان سمورن اسڪولن ۾ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته خانگي اسڪولن ۾ فيس دير سان ڏيندڙ شاگردن کي اسڪول مان ڪڍڻ نه ڏيندس، استادن کي پورهيتن لاءِ مقرر پگهار ڏيڻي پوندي، خانگي تعليمي ادارن ۾سنڌي لازمي پڙهائڻ تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو،استادن کي لينگويج اٿارٽي مان ٽريننگ ڏياري ويندي.
141