ڪابل (ويب ڊيسڪ) انٽر سروسز انٽيليجنس(آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به ڪابل ويو آهي. جنرل فيض حميد جي ڪابل ايئرپورٽ تي تصوير به سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن جي هٿ ۾ چانهه جو ڪپ آهي. ذريعن موجب پاڪستاني وفد طالبان جي افغان شوريٰ جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪري رهيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد طالبان اڳواڻن سان پاڪ افغان سيڪيورٽي تي ڳالهيون ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سيڪيورٽي سميت اهم ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. دوري دوران پاڪ افغان سرحدي صورتحال، گڏيل سلامتي جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته فساد پيدا ڪندڙ دهشتگرد تنظيمون صورتحال مان فائدو نه کڻن. ڊي جي آءِ ايس آءِ پاڪستاني سفير سان ملاقات به ڪندو جنهن ۾ افغانستان مان واپسي ۽ راهداري جي معاملن تي به ڳالهيون ٿينديون. پرڏيهي ۽ عالمي تنظيمن جي عملي جي پاڪستان جي رستي ملڪ واپسي ۽ ان حوالي سان ٻڌڻي هيٺ درخواستن جي مسئلي تي ڳالهيون ٿينديون. پاڪستان جي رستي ٽرانزٽ جي لاءِ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن درخواستون ڏنيون آهن.
