129

شهباز شريف ۽ حمزه خلاف مالياتي اسڪينڊل، جاچ ۾ڪو حال ئي ناهي، ڪيس ڪيئن وڌندو؟عدالت

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه خلاف مالياتي اسڪينڊل جي ٻڌڻي دوران جج رمارڪس ڏنا ته جاچ ۾ ڪو حال ئي ن اهي ڪيس ڪيئن اڳيان وڌندو. رپورٽ موجب لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾مسلم ليگ ن جو صدر ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پيش ٿيا،وڪيلن دليل ڏنا، جج رمارڪس ڏنا ته 2 جولاءِ کانپوءِ ڪا ڊائري لکيل ناهي،فائل خاموش آهن، ٻن مهينن ۾رڳو 4 سٽون لکيون آهن، انڪوائري ڪيئن مڪمل ٿيندي؟، ايف آءِ اي جاچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي چئو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻ پيش ٿئي، هوائي ڳالهيون ناهن ڪرڻيون، ان موقعي تي شهباز شريف روسٽرم تي اچي ٻڌايو ته هي ڪيس نيب واري ڪيس جو ئي نقل آهي؟ان جو رمضان شگر ملز سان ڪو تعلق ناهي نه ئي مان ڊائريڪٽر آهيان، نه پگهار وٺندو آهيان، شگر ملز کي نقصان ٿيو آهي، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن  ڪيس ساڳيو ئي آهي ته اعليٰ فورم سان رابطو ڪريو، جنهن تي شهباز چيو ته مان ڪيس فائيل ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان. جنهن بعد عدالت 25 سيپٽمبر تي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو