راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آزاد جمون ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي حالتن، هڪ طرفي ڀارتي قدمن ۽ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.سينئر حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته سيد علي گيلاني سموري زندگي ڪشميرين جي حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي. هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪ فوج ڪشمير ڪاز لاءِ ڪشميرين جي مڪمل حمايت جاري رکندي. جنرل قمر جاويد باجوه سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد جمون ڪشمير جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪشمير جي استحڪام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سردار عبدالقيوم نيازي آزاد جمون، ڪشمير ۾ سيڪيورٽي ۽ ترقي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي.
