اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾قتل ٿيل نور مقدم ڪيس ۾ٿراپي ورڪس سي اي او جا انڪشاف سامهون آيا آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جوابدار ظاهر جعفر چريو ناهي، شراب جو عادي هو، هن چيو ته مون ظاهر جعفر جي والدين کي چيو هو ته کيس جلد کان جلد اسپتال داخل ڪرايو هو، جڏهن ٿراپي ورڪس جي ٽيم سندس گهر پهتي ته ماڻهن جو مجموعو گڏ هو.
