اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر گهٽ نه ٿي،وڌيڪ 79 ڄڻا فوت،سنڌ ۾11 مريضن دم ڏنو. رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3980 ڪيس پازيٽو آيا،مثبت ڪيسن جي شرح 6.21 سيڪڙو رهي. هوڏانهن پهرين آڪٽوبر کان اندرين ۽ ٻاهرين ملڪ فضائي سفر جي لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس ۾ مبتلا وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 990 نوان ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا ۽ 587 ڄڻا صحتياب ٿي پنهنجي گهران ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 17007 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 990 نوان ڪيس سامهون آهن يا جيڪو تشخيص جي شرح جو 5.8 سيڪڙو آهي. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 مريض وفات ڪري ويا جنهن سان موت جي مجموعي تعداد 6955 ٿي وئي آهي جيڪا موت جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. وڏي وزير چيو ته هينئر تائين 5612605 نمونن جي جاچ ڪئي وئي آهي ۽ 436957 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 587 مريض صحتياب ٿي چڪا اهن جنهن سان صحتياب ماڻهن جو مجموعي تعداد 381648 ٿي چڪو آهي جيڪو بحالي جي شرح جو 87.3 سيڪڙو آهي. هن چيو ته هن وقت 48354 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 47474 گهرن ۾، 40 آئيسوليشن سينٽرز ۾ ۽ 840 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جن مان 744 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي آهي جن مان 64 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. هن چيو ته 990 نون ڪيسن مان 412 مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي جن ۾ اوڀر ضلعي ۾ 205، سينٽرل ۾ 65، ملير 54، ڏکڻ ضلعي ۾ 38، اولهه ضلعي ۾ 26 ۽ ڪورنگي ۾ 24 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ 179، گهوٽڪي ۾ 36، ٺٽي ۾ 31، مٽياري ۾ 30، سجاول 27، نوشهرو فيروز 26، بدين ۽ سانگهڙ ۾ 25-25، ميرپور خاص 22، ڪشمور 21، ٿرپارڪر 18، خيرپور ۽ ٽنڊو محمد خان 15-15، قمبر ۽ سکر ۾ 14-14، شڪارپور ۽ عمرڪوٽ ۾ 11-11، دادو 10، جيڪب آباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 6-6، امشورو ۾ 3، لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊو الهيار ۾ هڪ هڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن.
