175

ساحلي پٽي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي: ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري

 ميرپورساڪرو (ويب ڊيسڪ) پي ايس 78 گهوڙاٻاري تان چونڊيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ضامن هائوس گهوڙاٻاري مان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ رين ايمرجنسي جي حوالي سان سمورن کاتن کي الرٽ ڪيو ويو آھي، انتظامن بابت جائزو ورتو پيو وڃي. حاجي علي حسن زرداري چيو ته عملدارن کي هدايت ڪئي آھي ته ضلعي ۾ برساتي نالن جي صفائي، سٿرائي ۽ نيڪالي جي نظام کي منظم بڻائي گهربل مشينري جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، آئون رين ايمرجنسي ۾ تڪ جي عوام سان گڏ آهيان. پ پ ايم پي اي وڌيڪ چيو ته انتظامي حوالي سان سخت هدايتون جاري ڪيون آهن، وڌ کان وڌ عوام کي رين ايمرجنسي ۾ رليف جو چيو آهي، ڪنهن به عملدار جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو