ملتان (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي دوري تي پهچي ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي به ڳالهيون ٿيون. واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻنهي پارٽين وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا پر شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي دوري دوران پيپلز پارٽي کي هڪ سياسي حقيقت قرار ڏنو هو. ٻي پاسي بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي دوري تي ملتان پهچي ويو آهي، ملتان ۾ بلاول ڀٽو جي پهچندي ئي اهم سياسي پارٽين جون وڪيٽون ڊهڻ شروع ٿي ويون آهن. مسلم ليگ ق جي ٽڪيٽ هولڊر ميان مظهر عباس ۽ مظفر گرهه مان ايم ڪيو ايم جو ٽڪيٽ هولڊر رانا امجد علي امجد پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ٻي پاسي بلاول ڀٽو اڳُوڻي صوبائي وزير ناظم حسين شاهه جي رهائش تي پهچي ان جي لاڏاڻي تي سندس پٽن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته جمهوريت عوام ۽ پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ ناظم حسين شاهه جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو خواب اسان جي وڏن ڏٺو هو ان کي ساڀيان ڪرڻ هاڻي اسان جو فرض آهي، ايندڙ وقت ۾ ملڪ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو راڄ قائم ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر سيليڪٽڊ وزيراعظم اهو سڀ ڪجهه ئي کسي رهيو آهي. جن 20 هزار ڪٽنبن کي بينظير ڀٽو روزگار ڏنو هو انهن کي سيليڪٽڊ حڪمران بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو مختلف پ پ اڳوڻن وٽ پهچي انهن جي عزيزن جي لاڏاڻي تي ساڻن تعزيتون ڪيون.
