105

ڪراچي کي ٻئي ڏينهن به برسات ٻوڙي ڇڏيو، روڊ رستا تلاءُ بڻجي ويا،5 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي ٻئي ڏينهن به برسات ٻوڙي ڇڏيو، روڊ رستا تلاءُ بڻجي ويا،5 ڄڻا فوت. موسميات کاتي چيو آهي ته برسات جو زور گهٽجي ويو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڊفينس سميت مختلف علائقن ۾ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا، ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته شهر جي اڪثر روڊن تي پاڻي بيهڻ جي ڪري ٽرئفڪ جي رواني سخت متاثر،شهرين کي وڏي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، پي اي ايف بيس فيصل تي 6 ، يونيورسٽي روڊ تي 2.2 ، پراڻي ايئرپورٽ تي 2 ۽ جناح ايئرپورٽ تي 2.4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شام 4 وڳي کان شروع ٿيل برسات 3 ڪلاڪ جاري رهي، گلشن حديد ۾60 ملي ميٽر برسات رڪارڊ، روڊن تي وڏو پاڻي بيهجي ويو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾حادثن، واقعن ۽ ڪرنٽ ۾5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڪيتريون ئي گاڏيون وچ پاڻي ۾بيهجي ويون،ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ڪي اليڪٽرڪ موجب ڪي اليڪٽرڪ جا 200 فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن، شهر جا اڪثر علائقا بجلي کان محروم آهن، جلد بجلي بحال ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو