اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن 441 ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان حڪم نامو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي ملازمن کي نوڪرين مان فوري طور برطرف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، چيف فنانشنل آفيسر کان بحالي ايڪٽ 2010ع تحت بحال ڪيل ملازمن کي ڏنل رقم جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل زونل مئنيجر گريڊ 13 تائين ۽ گريڊ 14 يا ان کان مٿي برطرف ڪيل ملازمن خلاف هيڊ آفيس جي سطح تي ڪارروائي ڪئي ويندي، حڪم نامي موجب بحالي جي وقت حاصل ڪيل مالي فائده ملازمن کان واپس ڪيا ويندا، پگهارن ۽ الائونسن جي رقم واپس نه ورتي ويندي. حڪم نامي موجب برطرف ملازم بحالي ايڪٽ 2010 تحت بحال ڪيل ملازمن بابت 17 آگسٽ تي فيصلو جاري ڪيو ويو هو، ان تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي.
