مورو (ويب ڊيسڪ) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي سڱاوتي تڪرار تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ناري حنا سولنگي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي حملو ڪندڙن جو ھڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيا فرار ٿي ويا، جڏھن ته گھر ڌڻي 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل حملو ڪندڙ شرف الدين سولنگي، جڏھن ته زخمين ۾ گھر ڌڻي لياقت سولنگي ۽ سندس پٽ ببلو سولنگي شامل آھن، زخمين کي تعلقه اسپتال مورو آندو ويو، جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو، اطلاع ملڻ تي مورو پوليس پھچي مارجي ويل جو لاش تعلقه اسپتال مورو آندو جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن کي وارث مورو ڀرسان ڳوٺ ٽپال کڻائي ويا ۽ لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته ٻنھي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آھي، ياد رھي ته 3 مھينا اڳ عادل سولنگي گچيرو روڊ تي خادم سولنگي جي گھر تي چڙھائي ڪري ناري حنا سولنگي کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪئي ھئي، ناري جي اغوا جو ڪيس مورو ٿاڻي تي عادل سولنگي ۽ سندس ساٿين تي داخل ڪيو ويو ھو، 2 ڏينھن اڳ ناري حنا ڪورٽ ۾ مائٽن ڏانھن وڃڻ جو بيان ڏنو ھو جنھن تي عدالت کيس پيءُ خادم سولنگي جي حوالي ڪيو ھو، جيڪا پنھنجي پيءُ جي گھر رھيل ھئي ته عادل، شرف الدين ۽ ٻين ھٿياربندن کيس اغوا ڪرڻ جي ٻيھر ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ جھيڙي دوران اغوا ڪندڙ ڌر جو شرف الدين پستولي ڪارتوس لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته گھر ڌڻي لياقت ۽ سندس پٽ ببلو سولنگي زخمي ٿي پيا، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.
133