115

صوبائي وزير ناصر شاهه پاران واپارين کي انصاف جو يقين، بک هڙتال ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر شاھه واپارين جي بک هڙتال تي پهچي ٽن ڏينهن کان جاري بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي. صوبائي وزير ناصر شاهه جي خاطرين بعد واپاري اڳواڻن شرجيل گوپلاڻي ۽ رضوان عرفان پاران بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناصر شاهه واپارين کي خاطري ڪرائي ته سومر تي سڀاڻي وزيراعليٰ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سندن تجويزون رکي کين خوشخبري ڏني ويندي، ناصر شاهه چيو ته واپارين جو احساس آهي پر ڪورونا ڪيسن جي شرح 23 سيڪڙو کان وڌي وڃڻ بعد ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا. هن چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي واپارين سان تعصب ڪري رهي آهي پر اهو تاثر غلط آهي. هن چيو ته سومر تي سندن مطالبا منظور ڪيا ويندا. جنهن بعد واپارين ٽن ڏينهن کان جاري بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سومر ڏينهن ٻيهر بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو