لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي اولهه جي حوالي نه ڪنداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تهذيبي ڪش مان ڪش ۾ مسلمان عورت مٿان وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته دنيا ۾پردي جو ڪلچر عام ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي نظريي مٿان حملا ٿي رهيا آهن، اسان جو فيملي نظام دشمانن جي نشاني تي آهي.
