ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار جي ڪامورن کان چيئرمين ۽ ڊي جي نيب جي نالي تي رقم وصول ڪندڙ جوابدار خالد سولنگي جي پٽ عامر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت چيو آهي ته هي ڪو معمولي معاملو ناهي، ان جي وڏي پيماني تي جاچ ٿيڻ تمام ضروري آهي جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، متاثرن جا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا آهن، دستاويز جمع ڪيا پيا وڃن، جوابدار عامر جي والد خالد سولنگي گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري عامر خورشيد کان به نيب چيئرمين ٿي ڀتو وصول ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير جي ڀيڻيوي مائن اينڊ منرل جي ڊي جي امداد علي شاهه، شڪيل مهر، حضور بخش ڪلهوڙو کان به ڪروڙين رپيا ڀتو وصول ڪيو آهي.
