ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو،4 اهلڪار شهيد،20 زخمي ٿي پيا. وزيراعظم عمران خان ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران حملي جي شديد لفظن ۾مذمت. رپورٽ موجب ڪوئيٽا ۾ موٽرسائيڪل تي سوار دهشتگرد مستونگ روڊ تي قائم چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو ڪيو،چوڪي تباهه ٿي وئي،4 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته آپگهاتي حملي ۾20 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ايمرجنسي لاڳو،سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب آپگهاتي بمبار مڪمل جاسوسي کانپوءِ چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو، ڌماڪي ۾4 کان 5 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو، وزيراعظم آپگهاتي حملي جي شديد لفظن ۾مذمت ڪئي،اسان جون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان آهن،زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران حملي جي مذمت،جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي، سي ٽي ڊي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌان شاهديون هٿ ڪيون آهن، سمورن رخن کان جاچ ڪريون پيا، علائقي ۾سرچ آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي.
