ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ۾ خودڪشين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. هڪ نوجوان ڦاهي کاهي آپگهات ڪري ڇڏيو. مٺي تعلقي جي ڀرپاسي واري ڳوٺ نيني سر جي رهواسي 23 سالن جي نوجوان رميش ڳلي ۾ ڦاهو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته خودڪشي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
