اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مودي حڪومت آر ايس ايس ۽ نازي نظريي کان متاثر آهي، علي گيلاني جو مڙهه کسڻ ۽ گهرڀاتين تي ڪيس ڀارتي فاشزم جو هڪ مثال آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 92 ورهين جي سيد علي گيلاني جو مڙهه وارثن کان کسڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي، وارثن تي ڪيس وڌيڪ ڪريل حرڪت آهي، سيد علي گيلاني ڪشمير جو سڀ کان قابل احترام ۽ اصول پسند اڳواڻ هو، هن مڙهه دفنائڻ بابت وصيعت ڪئي هئي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن مان لڳي رهيو آهي ته ڀارتي حڪومت آر ايس ايس ۽ نازي نظريي کان متاثر آهي، شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
