109

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 5 مريض فوت، 1016 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1016 نوان ڪيس ظاهر، 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 6960 مريض صحتياب ٿي ويا، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 48365 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 47481  مريض گهرن ۾، 46 مريض آئسوليشن ۽ 838 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن739 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي 66 مريض وينٽيليٽر تي منتقل ڪيا ويا آھن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 353، حيدرآباد ۾ 108، بدين ۾ 51، ميرپورخاص ۾ 46، نوابشاهه ۾ 41، ٽنڊو الهيار ۾ 36، سجاول ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ 35-35، قمبر ۾ 32، ٺٽي ۾ 31، ڄامشورو ۾ 30، ٿرپارڪر ۾ 28، ٽنڊو محمد خان ۾ 26،نوشهروفيروز 22، مٽياري 21، سکر 19، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ 18-18، ڪشمور ۾ 14، عمرڪوٽ ۾ 11، شڪارپور ۾ 10، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 8-8 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 7 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو