ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻن شهرين کي گهر مان اغوا، بدترين تشدد ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جو الزام، شاهه لطيف ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل. تفصيل موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او اسرار ٻرڙي سميت 5 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. اڳوڻي ايس ايڇ او اسرار ٻرڙي سوڌو ڪو به اهلڪار گرفتار نه ٿي سگهيو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه لطيف پوليس فدا ۽ عديل کي گهر مان اغوا ڪيو هو، گهر مان ڦرلٽ ڪري ٻنهي ڄڻن کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي ڌمڪي ملي، ٻنهي ڄڻن کي قيد ۾ رکي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو.
123