اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان جو خطو انتهائي اهم بڻجندو پيو وڃي،ممڪن آهي ته هڪ نئون بلاڪ ٺهي، ترخم بارڊر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته افغانستان ۾طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ هي خطو اهميت اختيار ڪري ويو آهي،صورتحال کي مانيٽر ڪيون پيا، هن چيو ته افغانستان مان 4 هزار ماڻهو پاڪستان آيا آهن،ان کان گهڻا ماڻهو افغانستان واپس هليا ويا آهن، هن وڌيڪ چيو ته ترخم بارڊر تي حالتون بلڪل نارمل آهن،اتي هڪ به مهاجر ڪئمپ ناهي،ڀارتي ميڊيا اجائي تنقيد ڪري پيو، افغانستان مان 10 هزار ماڻهو ڪڍڻ تي يقين بڻايو، دنيا کي اسان جي ڪردار کي ساراهڻ گهرجي.
