لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آهي، ن ليگ ۾قيادت جي لاءِ ويڙهه جاري آهي، ڀارت کي افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سمجهه ۾نٿو اچي ته ڀارت افغانستان جي لاءِ ڪيل ڪوششن تي ڇو تنقيد ڪري رهيو آهي،ان جو ته افغانستان سان تعلق ئي ناهي، هن چيو ته ڀارت جي ته افغانستان سان هڪ سرحد به نٿي ملي، ڀارتي ميڊيا کي مانيٽر ڪيو وڃي ته سڀ کان وڏو مسئلو انهن جو آهي، مودي حڪومت کان پنهنجو عوام ڇو نٿو پڇاڻو ڪري ته اسان جي ٽيڪس جو پئسو افغانستان تي اربين ڊالر ڇو ضايع ٿئي پيو، هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي آهي ته هڪ عام افغان شهري جي زندگي به ايتري ئي اهم آهي جيتري افغانستان مان نڪرندڙن جي آهي
