129

ڊي جي آءِ ايس آءِ پاران افغانستان ۾ گلبدين حڪمت يار ۽ ٻين طالبان اڳواڻن سان ملاقاتون

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽننٽ جنرل فيض حميد افغانستان ۾ گلبدين حڪمت يار ۽ ٻين طالبان اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سينيئر پاڪستاني وفد سان گڏ ڪابل پهتو،طالبان اڳواڻ گلبدين حڪمت يار سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ نئين حڪومت جوڙڻ ۾پيش ايندڙ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خانگي ٽي وي موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ گلبدين حڪمت يار کانسواءِ طالبان جي ٻين اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون، امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو