118

پاڪستان ۽ ايران پاران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وڏي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ايراني هم منصب حسين امير جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو،افغان صورتحال تي ڳالهيون ڪيو ويون، جڏهن ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي نمائندگي سطح تي هڪ آن لائن ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير افغانستان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي پاڪستان جي ساراهه ڪئي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان برادر ملڪ ايران سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ڳالهيون جاري رکنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو