130

گورک جي جبل تان سياحن جي ويگو ڪلٽي، مختيارڪار سميت 4 روينيو ملازم فوت، 5 زخمي

جوهي (ويب ڊيسڪ) گورک کان موٽندڙ روينيو کاتي لاڙڪاڻي جي سياحن سان افسوسناڪ واقعو، مختيارڪار سميت 4 فوت، تپيدارن ۽ ڪوٽارن سميت 5 زخمي، مقامي ماڻھن ۽ گورک جي اسٽاف پاران ريسڪيو، زخمي دادو اسپتال داخل، مڙھ وارثن حوالي، گورک هل اسٽيشن تان واپسي تي لاڙڪاڻي واسي سياحن جي ويگو گاڏي جابلو رستن جي وروڪڙن ۾ بريڪ فيل ٿيڻ بعد ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري وئي،37 پوائنٽ وٽ ڪلٽيون کائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، فوتين ۾ مختيارڪار لاڙڪاڻو سليم الله رند، تپيدار اسلم سيال، ڪوٽار طارق چانڊيو، واحد بخش ککراڻي شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ گل حسن جوڻيجو، ماجد گوپانگ، رشيد رانجهاڻي، محمد اسلم، اڪبر راجپوت شامل آهن فوتين ۽ زخمين کي گورک هل جي اسٽاف، گورک تان موٽندڙ پرائويٽ جيپن جي ڊرائيورن ۽ مقامي رهواسين ريسڪيو ڪري واهي پانڌي جي اسپتال ۾ آندو ويو، جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيئي دادو سول اسپتال روانو ڪيو ويو، جڏھن ته فوتين جي مڙھ کي به ضروري ڪارروائي لاءِ واهي پانڌي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي سول اسپتال دادو پهچايو ويو، جتان مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ته زخمين کي دادو جي اسپتال ۾ رکيو ويو آھي جتي سندن علاج جاري آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو