لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) عاصمه راڻي جي والد ڌيءَ جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. عاصمه راڻي جي والد چيو آهي ته مجاهد آفريدي جي خاندان جي معافي کي قبول ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد جوابدار جو ڏوهه ثابت ڪرڻو هو،جيڪو اسان ڪري ڇڏيو آهي، الله تعاليٰ جي رضا خاطر اسان مجاهد آفريدي کي ڌيءَ جو قتل معاف ڪري ڇڏيو آهي.
