ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ڪابل ۾فائرنگ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. سمورن صوبن جي عهديدارن کي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي، طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته جن به ماڻهن فائرنگ ڪئي آهي، انهن کي شهرن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي، هن چيو ته فائرنگ ڪندڙن جي سڃاڻپ ۽ سزا جي لاءِ پوليس سربراهن کي پڻ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.
