111

دوکو نه ٿئي ها ته پي ٽي آءِ سرڪار ڪيرائي ڏيکاريون ها، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي: پيپلز پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو

ملتان (ويب ڊيسڪ)  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ”جاڳ جيالا جاڳ“جو نعرو هڻي ڇڏيو، عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ تي عمران خان کان پلاند وٺڻ جو اعلان. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته دوکو نه ٿئي ها ته پي ٽي آءِ سرڪار ڪيرائي ڏيکاريون ها، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي، وزيراعظم ۽ وڏو وزير جيالو هوندو. ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سلڪٽيڊ هڪ ڪهڙو عذاب کڻي آيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري تاريخي سطح تي آهي، عمران خان ووٽ ۽ روزگار تي ڌاڙو هنيو آهي، حڪومت جي خلاف بي اعتمادي رٿون آڻي ان کي ڪيرائي نيون چونڊون ڪيون ها، يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب ڪرائي ثابت ڪيو ته اسان جي پاليسي صحيح هئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پهريان پنجاب ۽ پوءِ وفاقي حڪومت ڪيرائي سگهجي پئي، اسان سان دوکو ٿيو، اسان جي تجويز نه مڃي وئي، ان ڪري پاڻ ميدان ۾اچي وياسين، هاڻي خاموش نه ويهبو، پي ڊي ايم جي غلطي جي ڪري معاملا خراب ٿيا، اسان اڄ به پارلياماني طريقي سان حڪومت ڪيرائڻ لاءِ تيار آهيون، پهرئين ڏينهن چيو ته عمران خان سليڪٽيڊ ۽ نااهل آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام آڏو ظاهر ٿي چڪي آهي، تاريخي مهانگائي ۾عوام پيسجي پيو، حڪومت زبردستي ووٽنگ مشين ۽ پنهنجي ايجنڊا اسان تي مڙهڻ چاهي ٿي، اهو منظور ناهي، غلطيون سياست ۾ٿينديون رهنديون آهن، هاڻي اسان نئين جذبي ۽ جديد سياست لاءِ نڪتا آهيون، انقلابي پاليسين سان اڳيان وڌنداسين، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي،وزيراعظم ۽ وڏو وزير جيالو هوندو. بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ قومي ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ گهرجي، اسان جيترو ڪم پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وارا نٿا ڪري سگهن، پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پيپلزپارٽي کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي سان سدائين زيادتي ٿي آهي، هڪ سازش تحت ڏکڻ پنجاب ۽ پاڪستان ۾ اسان جي جماعت کي نقصان پهچايو، ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جا نتيجا تمام گهڻا بهتر هوندا، پنهنجي جماعت کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، سنڌ کانپوءِ ڏکڻ پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ تي وينداسين، جيڪڏهن جمهوريت بحال ڪرڻي آهي ته سمورين مخالفتن باوجود جدوجهد جاري رکندي هر ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بلاول ڀٽو افغانستان بابت صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته افغانستان بابت خدشا آهن، انهن کي انساني حق ملڻ گهرجن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان هاڻي قومي ايڪشن پلان تي سرد خاني ۾ رکڻ جو عمل برداشت نٿو ڪري سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو