94

طالبان پاران پنجشير تي قبضي جي دعويٰ، احمد مسعود جنگ روڪڻ جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان پنجشير تي قبضي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، طالبان مخالف قومي مزاحمتي فورس جو سربراهه احمد مسعود جنگ روڪڻ جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي  آهي. رپورٽ موجب طالبان جي ترجمان چيو آهي ته صوبي پنجشير جي سمورن علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي، گادي واري هنڌ بازارڪ ۽ رخا ضلعا رهيل آهن، وچين علائقي ۾مزاحمتي فورس سان جنگ جاري آهي، وڏي انگ ۾هٿيار ۽ بارودي مواد قبضي ۾وٺي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف طالبان مخالف قومي مزاحمتي فورس جي سربراهه احمد مسعود جنگ روڪڻ جي لاءِ مشروط آڇ ڪري ڇڏي آهي، احمد مسعود چيو آهي ته ويڙهه ختم ڪري ڳالهيون جاري رکڻ گهرجن، امن لاءِ طالبان نه ورهن، اسان به جنگ روڪڻ جي لاءِ تيار آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو