فائرنگ 111

ھالاڻي ڀرسان مھيسرن ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، گولي لڳڻ سبب 30 سالا نوجوان قتل ٿي ويو

ھالاڻي (ويب ڊيسڪ) ھالاڻي ڀرسان ڳوٺ کيانتو مھيسر ۾ مھيسر  برادري جي  ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب 30 سالا  نوجوان عامر علي مھيسر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته  عامر مھيسر جو لاش ھالاڻي اسپتال آندو ويو ۽ پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو اوچتي وڇوڙي تي نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا هئا، ھالاڻي پوليس اسپتال پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، آخري اطلاعن  تائين  ڪيس داخل ٿي نه  ٿيو هو، جڏھن ته قتل ٿيل نوجوان عامر مھيسر جي والد جو چوڻ هو ته اسان قاتل سڃاتا آھن، جن خلاف جلد ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو