ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا لهر 61 حياتيون کسي ورتيون، 3747 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ ۾ 5 مريضن دم ڏنو، سنڌ حڪومت بئنڪ خدمتن لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت اين سي او سي کي خط موڪليو آهي جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته بئنڪ خدمتن جي لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کي لازمي قرار ڏنو وڃي، سموريون بئنڪون ۽ پوسٽ آفيسون رڳو ويڪسين ڪرائيندڙ ڪسٽمرز کي خدمتون فراهم ڪن، ويڪسين سرٽيفڪيٽ نه رکندڙ کي خدمتون فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪئي وڃي، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3747 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته پازيٽو ڪيسن جي شرح 6.47 سيڪڙو تي پهتي آهي، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1016 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 1000 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھھ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16642 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1016 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 6.1 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 5 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 6960 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 5629247 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ 437973 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 1000 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 382648 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 87.3 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 48365 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 47481 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، مختلف اسپتالن ۾ 838 داخل آھن ۽ 46 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 739 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 66 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 1016 ڪوويڊ ڪيسن مان 335 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ حيدرآباد ۾ 108، ڪراچي اوڀر ۾ 100، ڪراچي ڏکڻ ۾ 93، ڪراچي سينٽرل ۾ 55، بدين ۾ 51، ميرپورخاص ۾ 46، نوابشاھھ ۾ 41، ٽنڊو الھيار ۾ 36، سجاول ۽ سانگھڙ ۾ 35-35، قمبر ۾ 32، ٺٽي ۽ ملير ۾ 31-31، ڄامشورو ۾ 30، ڪراچي اولھھ ۾ 29، ٿرپارڪر ۾ 28، ڪورنگيءَ ۾ 27، ٽنڊو محمد خان 26، نوشھرو فيروز ۾ 22، مٽياريءَ ۾ 21، سکر ۾ 19، خيرپور ۽گھوٽڪي ۾ 18-18، ڪشمور ۾ 14، عمرڪوٽ ۾ 11، شڪارپور ۾ 10، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 8-8 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 7 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. جڏهن ته سنڌ جي اسڪولن ۾ اڄ کان ويڪسينيشن ڪئي ويندي، ان حوالي سان تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ اڄ کان 9 کان 12 جماعت جي شاگردن جي ويڪسينيشن ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن ۾ ويڪسينيشن سان زندگي معمول تي آئي آهي، والدين پنهنجن ٻارن کي ويڪسين ڪرائين، هن چيو ته والدين جيڪڏهن چاهين ٿا ته اسڪول بند نه ٿين ته شاگردن کي ويڪسينيشن ڪرائين.
