107

هنڱورجا مان ڏينهن ڏٺي جو دڪان مان ڌاڙو، 17 تولا سون ۽ روڪ رقم ڦر، شٽربند هڙتال، ريلي

هنڱورجا (ويب ڊيسڪ) هنڱورجا مان ڏينهن ڏٺي جو دڪان مان ڌاڙو، 17 تولا سون ۽ روڪ رقم ڦر، شٽربند هڙتال، ريلي، ان سلسلي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ساجد شيخ جي سونارڪي دڪان ۾ گهڙي آيا، پسٽل تاڻي سون ۽ پئسا ڦر ڪيا، هوڏانهن جوابدار 17 تولا سونا زيور، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد ٻاهر نڪتا ته دانهن تي ٻين دڪاندارن پيڇو ڪيو پر ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي خلاف دڪاندار شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪري ٿاڻي تي پهتا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو سرعام ڦرون ٿي رهيون آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڦر واپس ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ قومي شاهراهه بند ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو