103

ٽن مهينن ۾ قومي خزاني کي 50 ڪروڙ ڊالر نقصان ٿيو، اهو حڪومتي ڏوهه جو ثبوت آهي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ٽن مهينن ۾قومي خزاني کي 50 ڪروڙ ڊالر نقصان ٿيو، اهو حڪومتي ڏوهه جو ثبوت آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 30 سيڪڙو مهانگي ايل اين جي خريد ڪري عوام تي ظلم ڪيو ويو، هن وقت جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو نيب کي نظر نٿو اچي؟ مهانگي ايل اين جي خريد ڪري ماضي جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا،  اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيپرا جي رپورٽ حڪومتي ڪوڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو، سستي بجلي وارن پلانٽس کي هلائڻ جي بدران مهانگي بجلي ٺاهي قوم جا کيسا ڪاٽيا ويا، اسان جون ڳالهيون سچ ثابت ٿيون، مهانگائي پاور پلانٽس هلائڻ سان مالي بار پيو، قرض به وڌيا، نقصان رڳو عوام ۽ پاڪستان جو ٿيو، ڪير پڇاڻو نٿو ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو