ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 12 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ڪنٽونمينٽ بورڊز جي مڪاني چونڊن جون تياريون، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو. تفصيل موجب 6 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ 84 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو. فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ 88 پولنگ اسٽيشنز مان 18 انتهائي حساس ۽ 54 حساس، ڪورنگي ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ 16 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، ڪلفٽن ۽ ڪراچي ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ 154 پولنگ اسٽيشنز مان 41 انتهائي حساس ۽ 113 حساس، ملير ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ 25 پولنگ اسٽيشنز مان 9 انتهائي حساس ۽ 16 حساس قرار ڏنو ويو.
123