ليکڪ: راجا گوپي چند
ڪنڌ ڪوٽ واسي نوجوان امداد ملڪ ۽ اياز چولياڻي جيڪي ڪجھه عرصو اڳ ٻھراڙي مان پنهنجن اباڻن ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري شھر ۾ آباد ٿيا هئا ۽ شھري زندگي گذاريندي تعليم به حاصل ڪري زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ته ٻھ ڏينهن اڳ اھي ٻئي نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويا، جن کي 2 ڏينهن ڇڏي ٽئين رات جي اونداهي ۾ اسان جي پاڙيسري ضلعي شڪارپور ۾ چڪ ٿاڻي جي حد ۾ ميبنا مقابلي ۾ ماريو ويو، اهڙي خبر وارثن کي ملڻ شرط سندس گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، ٻنھي جا لاش پوليس ڏوھاري جيان گهلي موبائل ۾ وجھي تعلقي اسپتال لکي غلام شاھه آندا، جتي سڄي رات لاش پيل رھيا، ٻنھي نوجوانن جا لاش کڻڻ لاءِ وارث اسپتال پھتا جتي لاش وٺڻ ۾ به انتظار ڪرڻو پيو، آخرڪار آرامي آفيسر جاڳڻ بعد مقتولن جا لاش وارثن کي ملي ويا پر جڏھن ڪنڌ ڪوٽ ۾ واقعي خلاف فلور مل انڊس ھاوي تي ڌرڻو لڳايو ويو ته لاش وارثن جي حوالي ٿيڻ کان روڪي پوليس احتجاج ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ احتجاج جو بنيادي حق کسڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا، لاش ملڻ بعد امداد ملڪ جي وارثن ۽ سول سوسائٽي طرفان شڪارپور پوليس خلاف ۽ نوجوانن جي خون سان انصاف لاءِ انڊس ھاوي ٻيڙي چوڪ لڳ ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيو، روڊ بند ھجڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، انھي حوالي سان وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جا نوجوان ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث نه آهن ۽ نه اڄ تائين انهن مٿان ضلعي اندر ڪا اين سي به داخل ٿيل آهي، نوجوانن کي باءِ پاس ڀرسان کنڀيو ويو آهي، جتان کنڀڻ بعد شڪارپور ۾ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي جا ساٿي ڄاڻائي قتل ڪري ڪوڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، اسان مسڪين غريب آهيون، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان ڇا ڪيون اسان کي انصاف گھرجي، قاتلن کي سزا ڏياري وڃي، ٻنھي نوجوانن جا لاش گھر آڻڻ تي سوڳوار ماحول ۽ انتھائي ڏکايل منظر ھئا، تعليمدان محمد صديق ملڪ پوڙھائپ ۾ پنهنجي جوان پٽ امداد ملڪ جو لاش ڏسي ھوش ئي خطا ڪري بيھوش ٿي ويو، اھڙي دردن جي ڪھاڻي ڏسي لاشن مٿان موجود درد دل رکندڙ هر شخص روئڻ تي مجبور ٿي ويو، ھر پاسي ماحول ڏکارو بڻجي ويو، اھڙي واقعي تي سوشل ميڊيا تي شعور وند ماڻهن شڪارپور پوليس جي ندا ڪندي واقعي جو فوري نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سخت ڪمنٽس به ڪيا ويا آهن، سنڌ اندر واقعي تي ڪاوڙ جي لھر به نظر اچي رھي آهي، ڪنڌڪوث جي سياسي سماجي اڳواڻن جي يو آءِ جي مولوي خان محمد ملڪ، ابراھيم خاڪي، ڪامريڊ عباس، شاھنواز مرھٽو، فرمان جکراڻي، سلطان نندواڻي، والي ڏنو سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ باءِ پاس تان کنڀيل نوجوانن جا لاش ملڻ انتھائي ڏکايل واقعو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ سان گڏ سنڌ پوليس جي اھڙي عمل تي افسوس ڪريون ٿا جيڪي نوجوان اڃا تعليمي زندگي ۾ رھن پيا انهن کي ڏوھاري پيش ڪري بيدردي سان قتل ڪري لاشن جا تحفا وارثن کي ڏيڻ تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي، جيڪڏهن اھي ڪنهن سرگرمي ۾ ملوث ھئا ته عدالتن ۾ پيش ڪيو ھا، آخر ھي سنڌ ۾ قانون کان مٿانھان قتل ڇو ٿي رھيا آهن؟ انھن کي ڪير روڪيندو؟ پنهنجي ڌرتي تي بيگناھه مارجي ويل نوجوانن جي خون سان انصاف ڪير ڪندو؟ اڳ ۾ به سنڌ اندر قبائلي تڪرارن جي نالي تي انسانيت جو قتل جاري آهي، جنهن کي پوليس، حڪمران ۽ سردار روڪي ته نه سگھيا پر ھي وري سنڌين سان ٻيو ظلم شروع ڪري نوجوانن کي ڪوڙن مقابلن ۾ ماريو پيو وڃي، سياسي سماجي ڌرين ۽ وارثن جا بيان سامھون اچڻ بعد ھاڻي پوليس کي ثابت ڪرڻ گھرجي ته جيڪي نوجوان مقابلي ۾ ماريا ويا اھي ته باءِ پاس تان کنڀيا ويا ته اھي چڪ واري علائقي ۾ ڪيئن پھتا؟ اھي ڏوھاري ھئا يا انهن جا ساٿاري هئا ته اھو رڪارڊ ميڊيا آڏو ڇو نٿو آندو وڃي؟ جيڪڏهن پوليس ڪجهھ ثابت نه ڪري سگھي ۽ ان قانون ۽ طاقت کي غلط استعمال ڪيو آهي ته وڏي عدالت مظلومن سان انصاف ضروري ڪندي.