ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو
6 سيپٽمبر ملڪي تاريخ جو اھو عظيم ڏھاڙو آهي جنهن کي پاڪستان اندر ھڪ قومي ڏھاڙي يوم دفاع جي نالي سان وڏي جوش جذبي سان ملھايو ويندو آهي، اڄوڪي تاريخ 6 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪستان جي روايتي دشمن ڀارت پاران پاڪستان تي قابض ٿيڻ لاءِ واهگا بارڊر لاھور تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پاڪ فوج جي جوانن بھادري ۽ دليريءَ سان دشمن ملڪ جي ان حملي کي ناڪام بڻايو هو، ڪافي فوجي جوان شهيد پڻ ٿيا، ان ڪري اسان پاڪستاني 6 سيپٽمبر جي ڏھاڙي تي يوم دفاع سان گڏ پاڪستان جي فوجي جوانن جي قربانين کي ياد ڪري سندن بھادري کي ڀيٽا پيش ڪندا آھيون، ان ڏھاڙي تي سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ تقريبون ۽ پروگرام ڪري جنگ ۾ شھيد ٿيل جوانن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو آهي، ان ڏھاڙي تي دشمن ملڪ ڀارت جي ناپاڪ ارادن توڙي پاڪستان دشمن ڪمن ۽ ڳالھين کي وائکو ڪيو ويندو آهي، ائين کڻي چئجي ته اڄوڪي ڏھاڙي تي دشمن ملڪ کي پوري دنيا اندر شرمندگي محسوس ٿي ۽ پنھنجي شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. 6 سيپٽمبر جو اھو عظيم ڏھاڙو آهي جنهن ڏھاڙي ھڪ ننڍڙي آبادي واري ملڪ جنهن وٽ جنگي سامان ۽ وسيلا ان وقت نه ھجڻ برابر هئا، پوءِ به هن وڏي طاقتور ملڪ کي شڪست ڏئي اڳتي لاءِ سندس تڪبر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، اھو سچ آھي ته ڀارت 1965ع ۾ پاڪستان تي زبردستي جنگ مڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ قومي اتحاد ۽ ملڪ جي حب الوطني کي چئلينج ڪيو ويو، ان دوران پاڪستاني عوام اھو نعرو ھنيو ته ”اي مرد مجاهد جاگ ذرا اب وقت شهادت هي آيا“ جنهن نعري کي پورو ڪرڻ ۽ شھادت جي شوق سبب صرف پاڪ فوج جا جوان نه پر هن ملڪ جو سمورو عوام ڀارت سان مقابلي لاءِ ميدان تي لٿو ان وقت جي فيلڊ مارشل صدر ايوب خان خطاب ڪندي چيو هو ته اي وطن عزيز جا محافظو، اٿو، ڪلمه طيب جو ورد ڪندا اڳتي ھلو ۽ دشمنن کي ٻڌايو ته توهان اھڙي قوم کي للڪاريو آهي جنهن وٽ موت ڪو عيب نه پر انهن جي شھادت آهي، ھي عظيم قوم پنهنجي ملڪ جي خاطر جانين جا نذرانا ڏيندڙن کي شھيد سمجھندي آھي، جنهن جي ڪري پاڪستاني قوم نه صرف دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي روڪيو پر انهن جا پير پوئتي ڌڪيندي رهي، ياد رهي ته دشمن ملڪ ڀارت جنگ دوران سترنهن ڏينهن ۾ پاڪستان مٿان 13 حملا ڪيا، اسان جي ملڪ جي عوام وٽ صرف ايماني جذبو شھادت جو شوق ۽ نعره تڪبير ”الله اڪبر“ جي طاقت ھئي، جنھن جذبي کي ڪڏهن شڪست نه اچڻي ھئي، ان پھرين جنگ ۾ پاڪستان فتح ماڻي پنهنجي طاقت کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو، ان جنگ ۾ شھيد ٿيندڙ جوانن کي پاڪستان جي وڏن اعزازن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني فوج جي وڏي ۾ وڏو اعزاز ”نشانِ حيدر“پڻ شامل آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهڙو اعزاز رڳو ان کي ملندو آهي، جيڪو ملڪ جي خاطر سڀ کان وڌيڪ بھادريءَ سان فرض پورا ڪندو آهي، ان وقت 44 سالن جي ميجر جنرل طفيل احمد کي نشانِ حيدر جو ايوارڊ ڏنو ويو، ان سان گڏ ٻين شھيد ٿيل اهڙن فوجي جوانن کي پڻ نشان حيدر جي اعزازن سان نوازيو ويو، جن جي عمر 40 سالن کان گھٽ ھئي، اهڙن شهيدن ۾ شھيد راشد منهاس، شهيد ميجر راجا عزيز ڀٽي، شھيد ميجر محمد اڪرم، شھيد ميجر محمد شريف، شھيد ڪرنل شير خان، شھيد حوالدار لالڪ جان سميت ڪافي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ملڪ خاطر شھادتون ڏنيون، انھن جوانن کي نشان حيدر سان گڏ ٻين وڏن ملڪي اعزازن سان پڻ نوازيو ويو، 6 سيپٽمبر تي شروع ڪيل ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي جنگ جو خاتمو 23 سيپٽمبر 1965ع تي ٿيو. ان جنگ ڀارت کي هڪ سبق اهو به ڏنو ته ڪنهن به قوم مٿان اوچتو حملو ڪري ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، خاص ڪري پاڪستاني قوم جهڙي طرح سان هٿين خالي دشمنن سان وڙهي ان جو مثال دنيا ۾ گهٽ ملي ٿو، 1965ع کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڀارت جيتوڻيڪ شڪست ته کائي ويو پر اڃا تائين به اهو سازشن کان نٿو مڙي ۽ اڄ به پاڪستان لاءِ دنيا اندر وڏي ۾ وڏو خطرو ڀارت ئي آهي ۽ اهو مختلف طريقن سان سازشون ڪري پاڪستان کي اندروني طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي، ان جو وڏو مثال 20 سال آمريڪا جي غلام هيٺ رهندڙ افغانستان آهي، جتي ڀارت پنهنجي دوست آمريڪا سان گڏ پاڪستان خلاف ڄار وڇايو هو ۽ اتان پاڪستان ۾ سازشن ذريعي ايجنٽن معرفت حملا ڪرائيندو هو، ڀارت جي افغانستان ۾ وڏي سيڙپ ڪاروبار لاءِ نه ۽ نه ئي وري افغانين جي ڀلائي لاءِ هئي پر اها پاڪستان دشمنيءَ تي ٻڌل هئي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڀارت جو طرفدار آمريڪا اتان مٺيون ڀيڙي ڀڳو ته ڀارت کي به هٿين خالي واپس موٽڻو پيو ۽ هاڻ اتي ان جو ڪو به دوست نه آهي، ڀارت جي ڪروڙين رپين جي سرمائيڪاري ٻڏي وئي ۽ هاڻ هو مٿي تي هٿ رکي ويٺل آهي، وري به پاڪستان کي الله سائين اتي به ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي، ڀارت جي پاڪستان دشمنيءَ جو ان کان به وڏو مثال افغانستان مان گرفتار ڪيل ڀارتي فوج جو آفيسر ڪلڀوشن ياديو آهي، جنهن کي جڏهن پاڪستاني فوج گرفتار ڪري کڻي آئي ته هن دنيا آڏو حقيقتون ظاهر ڪيون ۽ ٻڌايو ته ڀارت ڪهڙي طرح سان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ ڀارت کي وک وک تي ناڪاميون نصيبن ۾ آهن جيڪي ملي رهيون آهن، ان جو ٻيو مثال ڀارتي پائليٽ اڀي نندن پڻ آهي، جنهن کي پاڪ فوج جي جوانن سرحدي لائين جهاز تباهه ڪري گرفتار ڪيو ۽ پوءِ ان کي انساني همدردي جي بنياد تي آزاد ڪري دنيا کي وري اهو مثال ڏنو ته اسان جنگ نٿا چاهيون، ان باوجود ڀارت جون ارهه زورايون وڌي رهيون آهن، جن کي پاڪستان وقت به وقت دنيا آڏو آڻيندو رهي ٿو، بهرحال، اڄ 6 سيپٽمبر اسان جي ناقابل تسخير دفاع جو ڏهاڙو آهي ۽ ان ڏهاڙي تي اسان سڀ پاڪستاني وچن ٿا ڪريون ته جيستائين اسان جي سسيءَ ۾ ساهه آهي تيستائين هن عظيم ملڪ جي لاءِ اسان ڪو به خطرو کڻڻ کان پوئتي نه هٽنداسين ۽ دشمن پوءِ اهو ڪير به هجي ان کي هن ملڪ مان سدائين منهن جي کائڻي پوندي.