ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
افغانستان جي جاگرافيائي ۽ جنگي حڪمت عملي جي حساب سان حالت پنھنجي مدد پاڻ جھڙي آھي، خاص طور تي ڪنھن ڌاريي ملڪ ۽ فوج لاءِ اندروني حالتون ڏاڍيون مشڪل آھن، تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھيل تائين ڪيترن ئي ملڪن مٿس فوج ڪشي ڪئي آھي پر مڪمل ڪاميابي ڪنھن کي به نه ملي آھي، اندروني سازش کان سواءِ افغانستان خلاف ڪاميابي ماڻڻ اوکو ڪم آھي، ڇو ته افغانن ۾ ملڪ لاءِ رت ڏيڻ جو جذبو موجود آھي، سندن سرحدي صورتحال اھا آھي ته ڪنھن به پاڙيسري ملڪ سان سندن حالتون سازگار ناھن سواءِ ايران جي، جنھن سان به نه امن نه جنگ وارو ماحول آھي، اندروني طور تي به مختلف قبيلائي حالتن ۾ورھايل آھي، وڏي ورهاست سندس مذھبي سوچ آھي، جنھن لاءِ ھر سوچ کي الڳ الڳ پرڏيهي حمايت حاصل آھي، روس جي شڪست وقت طالبان جي پٺيءَ تي آمريڪا ۽ پاڪستان ھئا، ھاڻي اتان آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ بظاھر طالبان کي چين، روس ۽ پاڪستان جي سڌي ۽ اڻ سڌي حمايت حاصل آھي، چين افغانستان سان لاڳاپا وڌائي ٻين معاملن سان گڏ سي پيڪ شاھراهه جو رستو ھموار ڪرڻ چاھي ٿو، افغانستان جي اندروني استحڪام ۽ امن کي افغان تاجڪ، ھزاره، ترڪ، دروز ۽ پٺاڻ قبيلن جي ڪشمڪش به وڏو نقصان رسائي سگھي ٿي، اھو به ظاھر ٿيو آھي ته ذاتي مفاد خاطر افغاني غير ملڪي قوتن لاءِ ايجنٽ طور به ڪم ڪندا آھن، جنھن جي شاهدي اھي پنج ھزار افغاني آھن جن کي آمريڪا پنھنجو حامي ۽ ھمدرد ڄاڻائي پاڻ سان وٺي ويو آھي، اھو به اھڙي وقت ۾ جڏھن ٻاھرين ملڪن ڏي لڏي ويل افغاني مھاجرن جي واپسيءَ لاءِ حالتون سازگار ٿي رھيون آھن، پر غير ملڪي افغان ڀاڙيتو افغانن کي ته پنھنجي ڪيل جاسوسي ڪرتوتن جو خوف ۽ ڊالر جي چمڪ به ملڪ ڇڏائي رھي آھي، پھريون ڀيرو آمريڪا پنھنجي غير ملڪي حامين کي سلامتيءَ سان ٻاھر وٺي وڃي رھيو آھي، وڏي بيزاري ۽ تڪڙ مان آمريڪا افغانستان ڇڏي ويو آھي، جنھن لاءِ سندس ملڪ جو اندروني دٻاءُ به ھو، چين کي پھريون ڀيرو کليل طرح سان ھتي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي رھيو آھي، جنھن سبب ھو ھت سيڙپڪاريءَ جا وڏا وڏا اعلان ڪري رھيو آھي، پاڪستان لاءِ پڻ اھو سٺو سنؤڻ آھي ته سندس دوست ملڪ جو افغانستان ۾ سياسي ۽ معاشي اثر رسوخ وڌي رھيو آھي، جنھن سان ڀارت جي رستا روڪ به ٿي سگھي ٿي، افغانستان مان آمريڪي نيڪالي کانپوءِ ھينئر اتي ھر شعبي ۾کوٽ ظاھر ٿي رھي آھي، ان کوٽ مان پاڪستان به وڏي خبرداريءَ سان وڏو فائدو وٺي سگھي ٿو، هن وقت پاڪستان جي سياسي، معاشي ۽ سفارتي ماھرن جو امتحان آھي ته ھو ان خال ۾ پنھنجي ملڪ لاءِ ڪيئن ۽ ڪيتري جاءِ ٿا جوڙين، افغانستان ھينئر ھر لحاظ کان ڪمزور ملڪ آھي، پاڪستان کي ان ڪمزوريءَ ما فائدو وٺڻو آھي ۽ ٻارنھن سئو ميل سرحد کي محفوظ به بڻائڻو آھي ۽ افغان سرحد تي ڪرڙي نظر به رکڻي آھي، جيئن سرحد پار کان دھشتگرد ڪارروايون نه ٿين، جن سان افغان نئين قيادت کي ڪنھن ڦڏي فساد جو موقعو نه ملي، ان سان گڏوگڏ افغان واپار کي پنھنجي واپاري فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي، خاص طور تي کاڌ خوراڪ جي شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ گھرجي، اهڙين ۾ کنڊ، اٽو ۽ ڪڻڪ شامل آهن، ويجھي ماضيءَ ۾پھريون ڀيرو تبديليءَکانپوءِ افغان حڪومت جي جوڙجڪ ۾ ايڏي دير ٿي رھي آھي، جنھن سان ملڪي استحڪام،ٻڌي ۽ ايڪي کي ڌڪ رسي رھيو آھي، مختلف سياسي ۽ جنگجو ٽولا جنگ کان پوءِ حڪومتي جوڙجڪ ۾گھڻو مال پاڻ ڏي سيرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، حڪومتي جوڙجڪ کان پوءِ ملڪ ۾وڏي سياسي ۽ معاشي بحران پيدا ٿيڻ جو پڻ خطرو آھي، ڇو ته حڪومت کان محروم ٿيندڙ ۽ گھٽ حصو ملندڙ ٽولا چپ ته ڪري نه ويھندا، اھڙي طرح افغانستان ۾ جڙندڙ نئين حڪومت کان پوءِ حامي ۽ مخالف اتحاد به نئين سر جڙندا، جنھن سان نوان سياسي سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيندا، سياسي سياڻا آمريڪا جي موجوده هار کي به وري ورڻ جي چال قرار ڏئي رھيا آھن، پر في الحال اھا چال موجوده جنگ جي ميدان مان سلامتيءَ سان نڪري وڃڻ تائين محدود ٿي لڳي، ٻئي طرف روس پنھنجي پراڻي دشمن طالبان ھٿان آمريڪا کي شڪست ڏياري پنھنجي شڪست جو پراڻو پلاند برابر ڪيو آھي، جيڪڏھن آمريڪا کي موجوده حالتن ۾ وري موٽڻو ھجي ھا ته پهريان ته نڪري ڇو ھا؟ يا پنھنجا 8 ارب ڊالرن جا جديد ھٿيار ضايع ڇو ڪري ھا، جيڪي ھاڻي ڪٻاڙ جي قيمت ۾ لاھور جي دڪانن تي سر عام وڪامي رھيا آھن، ٻين لفظن ۾آمريڪا پنھنجي پويان جنگي ٽيڪنالاجي جا ثبوت ڇڏي ويو آھي، جنھن مان پاڪستان، چين ۽ روس ڀرپور فائدو وٺي سگھن ٿا، پاڪستان کي ھاڻي ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري طريقي تي عمل ڪرڻو پوندو، ڇو ته آمريڪا ھاڻي ڪجهھ عرصو پنھنجون معاشي حالتون ٺيڪ ڪرڻ تي لڳائيندو، جيڪا معاشي بادشاھي سندس فوجي شھنشاھي ڊھڻ سان پٽ پئجي چڪي آھي، آمريڪا کي اندروني سياسي ۽ معاشي بحران کي منھن ڏيڻ ۾ به وقت لڳندو، آمريڪا جا سرڪاري سطح جا ڪيترائي نمائندا پنھنجي ھن تڪڙي ڀاڄ کي جائز ۽ دانشمنداڻو قدم سڏي رھيا آھن، ٻيو ته کيس تڪڙ ۾موٽي اچڻ لاءِ مضبوط سبب گھرجن، جتي ھاڻي طالبان جي حڪومت ۽ اڻ سڌي طرح کيس چين ۽ روس سان به منھن ڏيڻو پوندو، جيڪو موجوده حالتن ۾ آمريڪا لاءِ ڏاڍو ڏکيو آھي، ھاڻي پاڪستان لاءِ موقعو آھي ته افغان سرحد تي ڪرڙي نظر رکي جتان افغانين جي داخلا کي روڪي ۽ گڏيل قومن تي زور ڀري ته پاڪستان ۾موجود 50 لک افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪلڻ کي ممڪن بڻائي، اھو سڀ ڪجهھ مضبوط سفارتڪاريءَ سان ئي ممڪن آھي.