ليکڪ: محبوب سنڌي
رسول ميمڻ سنڌي ڪهاڻي کي نئين جواني عطا ڪندڙ نالو آهي جيڪو ٻين ڪهاڻيڪارن کان بنهھ مختلف بيٺل نظر اچي ٿو، سندس تخليقيت جي جادوگري جو احساس ناول ”اک ڇنڀ“ مان لڳائي سگهجي ٿو، هي ناول انگريز سرڪار جي سنڌ تي قبضي واري دور تي لکيل آهي، ليکڪ هن افسانوي فڪشن ۾ پنهنجي ڏات جا رنگ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ تخليقي حوالي سان هي سگهارو ناول آهي، جنهن جا علامتي ڪردار عثمان علي، سوڀيا ۽ لزا آهن، جيڪڏهن سنجيدگي سان ڏٺو وڃي عثمان علي سنڌيت جو اهو روح آهي جيڪو هن سڄي ماحول ۾ زخمي ۽ رتوڇاڻ ٿي غلام بڻجي ٿو وڃي، سوڀيا گم ٿي ويل عثمان علي جي ”محبوبا“ آهي، جنهن کي هي ڪرنل مارٽن جي ڌيءُ لزا جي روپ ۾ ڳولهي هٿ ڪري ٿو، هي ناول سنڌ کي تاريخي وطن هئڻ واري مالڪي نه ملڻ جي پسمنظر جو هڪ دستاويز آهي، ناول ۾ سنڌ کي مذهبن جي مت ڀيد کان مٿانهون ڏيکاريندي رواداري جا دليل ڏنا آهن، هڪ هنڌ ليکڪ ڏيکاريو آهي ته”هي سڀ هندو-مسلم اتحاد جو مثال آهي، مسجد هيٺان مندر آهن، مندر هيٺان مسجدون، جيئن مسجد هيٺان مندر آهي، ائين هتان کان ڪوھه پري هڪ مندر هيٺان مدرسو آهي(ص60)”هتي ليکڪ جي سوچ سان متفق نه ٿو ٿي سگهي اهڙو مثال ڏيڻ بنھه غلط آهي هتي ليکڪ ائين ڏيکاري هان ته مسجد جي ڀر ۾ مندر آهي مندر ڀرسان مدرسو ته بهتر هو اڳتي ليکڪ رواداري جو اعلي’ مثال ڪجھه هن طرح ڏيندي نظر اچي ٿوته ”جڏهن هڪ بزرگ شاھه نجم الدين ڪُلاچي جي ڪناري حج خاطر لاءِ حجاز روانو ٿيو ته بحري جهاز تائين هندو ۽ مسلمان جلوس جي صورت ۾ کيس گڏ وٺي آيا، اتي مولودن ۽ ڀڄنن سان کيس الوداع ڪيو ويو (ص51)“ پر شايد ناول ۾ ”ڪُندا“ هندو جو مسلمان ٿيڻ، ان رنج ۾ هندو واپارين جو مسلمانن کي سامان نه ڏيڻ نفرت جو سبب بڻجي ٿو ته ڀورل جو جهڙو مذهبي انتهاپسند ڪردار به جنم وٺي ٿو، ته پوءِ نائومل جهڙو ڪردار بدلي جي باھه ۾ سڙندي گورن جو سهولتڪار بڻجي پوي ٿو ته هندو مسلم ۾ نفرتون وڌن ٿيون قبضو ڪندڙ انگريز ان جو فائدو وٺي مير ٽالپرن حاڪمن کان حاڪميت ته کسي ورتي..پر هندو مسلم کي به رت جا ڳوڙها ڏئي سنڌ ڌرتي کي اڻ ڄاتل وقت تائين سورن ۽ غلامي ۾ڌڪي ڇڏيو، اهڙي درد جي شروعات انگريز سرڪار جي دور کان ئي ٿئي ٿي، منهنجي خيال ۾ مان مٿي ڪيل حقيقت ۾ هن ناول جي مرڪزي خيال جي وضاحت ڪري چڪو آهيان..هاڻ وڌيڪ مون کي فني ۽ فڪري پاسن تي ڳالهائڻ گهرجي، ڪرنل مارٽن جي ڌي لزا کي مجاهدن هٿان اغوا ڪرايو آهي، پر اتي وري لزا کان ڳالهرايل هي جملو ”خبردار …لزا چيو..تون انگلينڊ تي حملو ڪري سگهين ٿو پر هڪ عورت تي نه“ هي سٽ ڄڻ ته نفرتن جي باھه ۾ سڙندر هر ملڪ جي مظلوم ۽ بي وس عورت جي وڪالت ڪري رهي آهي، عثمان علي لزا کي هٿ ته ڪري ٿو پر ان جي آجپي کي حاصل نٿو ڪري سگهي، هو کيس مجاهدن کان آزاد ڪرائي وٺي ٿو پر ڪرنل مارٽن کان لزا کي حاصل نه ٿو ڪري سگهي، ليکڪ فلسفاڻي انداز ۾ موجوده صورت حال ۾ سنڌ جي سورن جو آواز بڻيو آهي، پاڻي جي ڪيس کي به ليکڪ کڻندي نظر اچي ٿو، اهو پاڻي جو خالي پتل جو ڪرمنڊل سنڌو جي تازي صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو، ناول ۾ فني منجهارا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مثال طور هن ناول جي باب 12 هين کي ڏسجي هڪ سپاهي ڪرنل مارٽن کي ٻڌايو ته ”سمنڊ ڪناري مس لزا جو لاش هٿ آيو آهي“ ڌي جي مليل لاش جنهن جو چهرو چچريل به ناهي پر جسم زخمي آهي ۽ تصديق ڪرڻ بنا ڪرنل مارٽن پنهنجي ڌي لزا کي دفن ڪري ٿو ڇڏي ”لزا جي لاش کي آلين اکين ۽ بندوق جي ٺڪائن سان قبر ڀيڙو ڪيو ويو(ص82)“ پر جڏهن ڪرنل مارٽن سان عثمان علي ملي سندس ڌيءَ لزا جي جيئري هئڻ جو ٻڌائي ٿو ۽ پوءِ وري باب 17 هين ۾ ڪرسچن اسپتال ۾ ڪرنل مارٽن سان سندس ڌيءُ لزا کي ملرائي ٿو ته ليکڪ ڪرنل مارٽن کان سوچرائي ٿو ته هيءَ ڪا مجاهدن جي چال آهي، اها لزا نه پر لزا جي روپ ۾ ٻي ڪا عورت آهي، ليکڪ وضاحت به هن ريت ڪندي نظر اچي ٿو ته ”دراصل حرفت جو دور انسان جي دل ۾ سئو وسوسا پيدا ڪري وجهندو آهي، ٽيڪنالاجي هر شيءِ کي شڪي بڻائي وجهندي آهي(ص129)“ ليکڪ ٽيڪنالاجي ايتري تيز ڏيکاري ٿو ۽ ڪرنل مارٽن کان لزا جي ٻانهن تي ڪو ڄائي ڄم وارو نشان به جاچرائي ٿو(ص131) ته پهرين جنهن عورت جو لاش ڪرنل مارٽن لزا سمجهي گورا قبرستان ۾ دفن ڪيو هو.ان وقت هن جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو ڇو نه ورتو، لزا جي ٻانهن جي نشان کي دفن ڪرڻ کان پهرين ڇو هن نه ڏٺو، وري عثمان علي جي لزا کي مجاهدن کان آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪندي خدابخش کان چورايو آهي ته ”بوبڪ جي ڳيرن کي کائڻ سان ست ڏينهن ننڊ ايندي آهي، مان ڪوڙڪو وجهي بوبڪ جا ڳيرا ڦاسائي پچائيندس، اهي پاڻ ٻنهي کان سواءِ سڀ کائيندا (ص111)“ پوءِ خدابخش اهي ڳيرا پڪڙي پچائي انهن مجاهدن کي کارايا اهي کائي ست ڏينهن سمهي پيا هت جتي ليکڪ مجاهدن کي بوبڪ جاڳيرا کارائي ست ڏينهن سمهاري ٿو اتي ليکڪ جو ڏيکاريل خيال غيري عقلي ۽ غير سائنسي آهي ۽ عثمان علي پالار بندر کان لزا کي وٺي ڪراچي پهتو، جڏهن انهن ساڳين مجاهدن جو ڪراچي ۾ عثمان علي سان ٽڪر ٿيو ته ليکڪ ڳيرن جو ذڪر ڪرڻ بدران ساڳئي گذريل ورتاءُ ۾ خماري مڇي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته ”هو اسپتال کان نڪتو ڪرائيسٽ چرچ وٽ پهتو ته هن کي پري کان اهي مجاهد نظر آيا جيڪي پالار ۾ هن سان گڏ هئا، اهي جڏهن هوش ۾ آيا هئا ته خدابخش کٽي انهن کي خماري کارائي هئي ۽ کائڻ کان پوءِ وري ست ڏينهن سمهي پيا هئا، اها مڇي سنڌو ۾ ٿيندي هئي (122)“ هڪ ته خدابخش انهن مجاهدن کي ڳيرا کاريا هئا، هتي ليکڪ مڇي جو ذڪر ٿو ڪري جي ليکڪ مڇي نئين سر کارائي ته خدابخش ڳيرن جو انتظار ڇو ڪيو هو، بهرحال پوءِ به ماضيت جي ياد تي هي ناول پنهنجي حسناڪي سان ڀرپور اثر انداز ٿئي ٿو.