ليکڪ: مستجاب نذير ڌوڪي
سرڪاري نوڪرين مان برطرفين جو طوفان شروع آهي، هن وقت تائين هزارين ملازمن کي برطرفي جا خط ملي چڪا آهن ۽ خدشو آهي ته ان عمل سان هزارين نه پر لکين ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار ٿيندا، برطرف ڪيل ملازمن جون ساليانو پگهارون رڳو ڪجهه ڪروڙ ٿي سگهن ٿيون پر موجوده حڪومت دوران صرف ايل اين جي جي مد ۾ ملڪ کي 600 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، آهي ڪو خدا جو ٻانهون جيڪو انصاف ڪري ته ملڪ جي خزاني تي برطرف ڪيل ملازم بار هئا يا اقتدار ۾ ويٺل بار آهن؟ آئون اسلام آباد جي جنهن يونيورسٽي ۾ پڙهان ٿي اتي نه صرف اسلام آباد پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منهنجا يونيورسٽي فيلو آهن ۽ منهنجو ڪنڌ ان وقت فخر کان مٿي ٿي وڃي ٿو جڏهن منهنجا هم ڪلاسي ٻڌائين ٿا ته انهن جا مائٽ يا ڄاڻ سڃاڻ وارا سنڌ جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ مفت علاج ڪرائين ٿا يا انهن جو اتي مفت علاج ٿيو آهي، هڪ ساٿي ٻڌايو ته منهنجي خاندان سان تعلق رکندڙن جو سنڌ جي شهر گمبٽ ۾ جگر جي بيماريءَ جو مفت علاج ٿيو ۽ هاڻ ماشاءَ الله هو صحتمند آهي، خيرپور جو ذڪر ٻڌي مون فخر سان چيو ته اهو منهنجو شهر آهي، اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا ساٿي چوڻ لڳا ته اوهان وٽ آصف علي زرداري پر اوهان واقعي خودغرض آهيو اوهان کي احساس ۽ قدر ناهي پوري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هڪ به اهڙي اسپتال نه آهي جتي دل، گڙدن ۽ ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ٿيندو هجي. هڪ ڇوڪرو چوڻ لڳو ته آصف علي زرداري جو حڪومتي دور هو منهنجي پاڙيسري کي دل جو دورو پيو اسپتال کڻي وياسين ته اتي جي انتظاميا چيو 4 لک ڏئي سگهو ٿا، اسان چيو ته هي پاڙيسري آهي، ويچارو غريب آهي ته اسپتال وارن چيو ته اوهان پريشان نه ٿيو، هن غريب جو علاج سرڪاري ٿيندو، هو هڪڙو آسان فارم کڻي آيا، ڀري مريض جو آڱوٺو لڳرايو ۽ کيس آپريشن لاءِ کڻي ويا، ٻئي ڏينهن جڏهن اسان اسپتال وياسين ته خبر پئي ته پاڪستان بيت المال جي ايم ڊي چوڌري زمرد خان هڪ ڪلاڪ اندر ڄاڻايل مريض جي علاج لاءِ رقم جي منظوري به ڏئي ڇڏي هئي، سچي ڳالهه اها آهي ته ان عمل جي پويان ان وقت جو صدر آصف علي زرداري هو، هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏ پاڪستان بيت المال کي به حقيقي طور انساني ڀلائي جو ادارو بڻايو هو، ها ته ڳالهه ٿي رهي هئي، سرڪاري ملازمن جي برطرفين جي، لڳي ائين ٿو ته هاڻ اهو سلسلو رڪجڻ وارو نه آهي ۽ اهو سلسلو انهن جي پينشن جي خاتمي تائين وڃڻ وارو آهي، جنهن جي منصوبابندي پڻ شروع آهي، تبديليءَ جا نتيجا اچي رهيا آهن، روزگار سان لڳل ماڻهن جي برطرفين جي سونامي هلندڙ آهي، حڪمرانن کي يقيني طور تي سوچڻ گهرجي ته هي جيڪي هزارين ملازم آهن، انهن جا ٻچا به آهن ۽ بيروزگار رڳو اهي ملازم نه پر هزارين عورتون ۽ هزارين ٻار به ٿين ٿا، انهن هزارين ملازمن جا لکين ٻار جيڪي ڪجهه اسڪولن، ڪجهه ڪاليجن ۽ ڪجهه يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن، انهن جي تعليم رڪجي ويندي، سندس پيءُ جي روزگار کسجڻ سان انهن جا وسيلا به کسجي ويندا ۽ سڀ ڪجهه کسجي وڃڻ کانپوءِ انهن جا خواب، حسرتون ۽ سونهري مستقبل برباد ٿي ويندو، ڇا حڪمران انهن لکين ٻارن جي مستقبل جا ڏوهاري نه ليکبا؟ هزارين گهرن جون چلهيون وسامي وينديون، ائين نه آهي ته خدا انهن کي ڇڏي ڏيندو پر هزارين سکيا ستابا گهر ۽ انهن جا فرد ڪيترين تڪليفن ۾ هوندا، اهي ڪيڏين ڏکيائين سان وري چلهه ٻاريندا، پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر آساني سان ڪندڙ انهن هزارين ملازمن کي وري ڪٿي مزدوريون ڪرڻيون پونديون، در در جا ڌڪا کائڻا پوندا، ڇا اهو ظلم نه آهي، ان ڪري حڪمرانن کي وري به پنهنجي اهڙي عملي تي سوچڻ گهرجي، باقي سنڌ جي هڪ ڌيءُ هجڻ جي ناتي مون کي خوشي آهي، سنڌ باشعور آهي ۽ سنڌ انسانن جي خدمت ۾ سڀ کان اڳيا آهي ۽ مون کي ايتري پڪ آهي ته سنڌ ازل کان اڳيان هئي، ابد تائين اڳيان رهندي، ڇو ته هن ڌرتي جا فرد ۽ هتان جا حڪمران باوفا، باوقار ۽ قوم جا همدرد آهن، پيپلزپارٽي جي حڪومت جي اها ئي نشاني آهي ته اها جڏهن به اقتدار ۾ هوندي آهي ته اها اقدار ۾ به هوندي آهي يعني اقتدار جي نشي ۾ اها قدر نه وساريندي آهي ۽ ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ بدران روزگار ڏيندي آهي، هن وقت عوام وري پيپلزپارٽي ئي نهاري رهيو آهي.