108

ڪوئيٽا ڌماڪو، دهشتگردي روڪڻي پوندي

ايڊيٽوريل

ڪوئيٽا ۾سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو،4 اهلڪار شهيد،20 زخمي ٿي پيا. وزيراعظم عمران خان ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران حملي جي شديد لفظن ۾مذمت ڪئي وئي آهي. ڪوئيٽا ۾ موٽرسائيڪل تي سوار دهشتگرد مستونگ روڊ تي قائم چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو ڪيو،چوڪي تباهه ٿي وئي،4 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته آپگهاتي حملي ۾20 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ايمرجنسي لاڳو ڪري سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته  بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب آپگهاتي بمبار مڪمل جاسوسي کانپوءِ چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو ڪيو آهي، ڌماڪي ۾4 کان 5 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو، وزيراعظم آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اسان جون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان آهن،زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي، سي ٽي ڊي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌان شاهديون هٿ ڪيون آهن، سمورن رخن کان جاچ ڪريون پيا. علائقي ۾سرچ آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اهڙا حملا ملڪ دشمن عناصر ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي اها ئي ڪوشش ۽ سازش آهي ته پاڪستان کي ڪمزور ڪيو وڃي، ان ڪري اهي اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪن پيا، هن وقت افغانستان ۾ تبديلي کانپوءِ به پاڪستان لاءِ چئلينج وڌي ويا آهن، آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ خطي ۾ نئين صورتحال جنم وٺي رهي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوئيٽا حملي جي ذميواري به تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي ورتي آهي ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جو حب به هن وقت افغانستان آهي، ان ڪري حڪومت کي ان حوالي سان سخت ۽ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته پاڪستان جي بهادر فوج ۽ عوام وڏين جاني قربانين کانپوءِ ملڪ ۾ امن امان واري صورتحال بحال ڪئي هئي ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان سميت ٻين دهشتگرد گروهن تي ڪنٽرول ڪيو هو ۽ انهن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو پر هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽي پي جو اڀرڻ يقينن خطري جي ڳالهه آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان حوالي سان افغانستان جي نئين قيادت آڏو پاڪستان کي ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو ۽ کين  پنهنجي ڌرتي پاڙيسرين لاءِ استعمال نه ٿيڻ واري خاطري تي عمل ڪرائڻ لاءِ به دٻاءَ وڌائڻو پوندو، جيڪڏهن اسان افغانستان جي نئين قيادت کي ٿورڙي به ڍر ڏني ته هيءَ مسئلو اڃا به وڌي سگهي ٿو، ڇو ته هاڻ قبائلي سرحدي ضلعن ۾ پڻ ان قسم جا واقعا وڌي ويا آهن ۽ اتي سيڪيورٽي فورسز تي حملا ٿي رهيا آهن، جنهن تي سڄي قوم کي سخت ڳڻتي آهي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي جلد کان جلد سفارتي محاذ تي اهڙن معاملن کي اٿارڻ گهرجي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان پڻ سخت قدم کڻڻ گهرجن، جيئن اهڙا حملا روڪي سگهجن ۽ هڪ دفعو ڀڄي ويل اهڙن بزدل دشمنن کي به وري ڪر کڻڻ کان روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر نائن اليون کانپوءِ واري صورتحال ۾ ڦاسي سگهي ٿو جيڪا يقينن خطرناڪ هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو