ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ نوجوان قتل، ناري سخت زخمي ٿي پئي. رپورٽ موجب ڪراچي جي قائداعظم ڪالوني ۾ جوابدارن ڇرين جا وار ڪري نوجوان ماجد کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي حملي ۾20 ورهين جي گلناز پڻ زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال ۾داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
