109

ملڪ ۾ڪورونا سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 3613 ڪيس پازيٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 3613 ڪيس پازيٽو، سنڌ ۾35 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿي ويون. رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪيسن جي شرح 6.32 سيڪڙو رهي، مختلف شهرن ۾ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، هوڏانهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عوامي هنڌن تي ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان گهرو کاتي لاڳاپيل اختيارين کي خط پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلن،ريسٽورنٽس، شادي هالن، بازارن، شاپنگ مالز، تعليمي ادارن ۽ ٻين هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 35 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6995 ٿي ويو آهي جڏهن ته 13140 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 776 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعلٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 35 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو انگ 6995 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 13140 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 776 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5642387 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 438749 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 87.4 سيڪڙو يعني 383455 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 807 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48299 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 47421 گهرن ۾، 45 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 833 مختلف اسپتالن ۾ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 746 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 69 وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا آهن. بيان موجب 776 نون ڪيسن مان 364 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 127، ڏکڻ 108، سينٽرل 54، ڪورنگي 32، ملير 29 ۽ اولهه 14 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 94، بدين 41، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ 33-33، مٽياري 29، شهيد بينظير آباد 25، ڄامشورو 22، ٽنڊو محمد خان ۽ عمرڪوٽ 18-18، دادو 16، ٽنڊوالهيار 13، ميرپورخاص 6، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۽ سکر 4-4، خيرپور 3۽ قمبر هڪ ڪيس آهي. مراد علي شاهه عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو