ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان چيو آهي ته پنجشير فتح ٿيڻ کان پوءِ پورو ملڪ ڪنٽرول ۾ آهي، پاڪستان جي ڳڻتي ختم ڪنداسين، پرڏيهي امداد لاءِ شرط قبول نه ڪنداسين. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجشير وادي جو مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي. دهشتگردي ۽ سلامتي معاملن تي پاڪستان جي ڳڻتي جائز آهي، جن معاملن تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، اهي معاملا حل ڪيا ويندا، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پنجشير فتح ٿيڻ کان پوءِ پوري ملڪ تي عملداري قائم ٿي وئي آهي. اسان پنجشير ۾ فوجي ڪارروائي ڪرڻ نه ٿي گهري، پر ڪجهه ماڻهن ملڪ کي جنگ ۾ ئي ڌڪڻ گهريو ٿي، جرگن ۽ ڳالهين ۾ ڪاميابي نه ٿي تو پوءِ مجبوري ۾ ئي طاقت جو استعمال ڪيوسين. مسعودي فورس جي ترجمان فهيم دشتي کي طالبان نه ماريو پر هو ڪمانڊر گل حيدر ۽ جنرل جرت جي پنهنجي ويڙهه ۾ مارجي ويو، جڏهن ته امرالله صالح تاجڪستان ڏانهن ڀڄي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجشير جي رهواسين لاءِ عام معافي آهي، پنجشير ۾ صوبي جي اهم عهدن تي اتان جا ماڻهو ئي مقرر ڪنداسين، ته جيئن ڪنهن کي به ڪو اعتراض ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي. اتان جا عام رهواسي پريشان نه ٿين. انهن سان ٻٽو سلوڪ نه رکيو ويندو. ذبيح الله وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ هاڻ جنگ جو دور ختم ٿي چڪو، حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشاورت جو عمل جاري آهي، قومي حڪومت جي جوڙجڪ ۾ سڀني ڌرين کي شامل ڪيو ويندو، جلد حڪومت جو اعلان ڪنداسين، حڪومت ٺهڻ کان پوءِ عورتن کي صحيح وقت تي احتجاج ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ جو حق آهي. پاڪستان افغانستان سان گڏ بيٺل آهي، جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. پاڪستاني وفد افغانستان ۾ امن وامان بابت ڳالهائڻ لاءِ آيل آهي، هڪ پاڙيسري هئڻ جي حيثيت سان ان جون دهشتگردي ۽ سلامتي معاملن تي پاڪستان جي ڳڻتي جائز آهي، جن معاملن تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، اهي معاملا حل ڪيا ويندا، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان کي اسان جي درخواست آهي ته هو افغانين لاءِ پنهنجي سرحدن جا دروازا کولي ڇڏي. هن چيو ته چين اسان کي سهڪار ڪرڻ جي پڪ ڏياري آهي. افعانستان سي پيڪ جهڙين اقتصادي رٿائن ۾ شامل ٿيڻ گهري ٿو ان کان علاوه ڪرغزستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي بجلي منصوبي ”ڪاسا“ واري رٿا ۾ پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گهرون ٿا. عالمي برادري سان بهتر لاڳاپاچاهيون ٿا، جيڪو به ملڪ انساني همدردي بنياد تي امداد ڪندو ته اها قبول ڪنداسين پر امداد ڪي به شرط قبول نه ڪنداسين، ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا ويندي ويندي ڪابل هوائي اڏي کي وڏو نقصان پهچائي آخري وقت ۾ به دشمني واري باهه ڪڍي ويو، ترڪي ۽ گڏيل عرب رياستن جون ٽيمون هوائي اڏي جي مرمت ڪن پيون .
