لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته وقار يونس ۽ مصباح الحق ميدان ڇڏي ۽ بي نقاب ٿي ڀڳا آهن، هن چيو ته ٻنهي کي خبر هئي ته رميز راجا جي موجودگي ۾ سندن ڪوچنگ ڪرڻ مشڪل هوندو، ڏوهه پي سي بي جو هو، جيڪا کين ڪوچنگ ۾ کڻي آهي. ٽيم سليڪشن تي ڳالهائيندي شعيب اختر چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اعظم خان ٽيم ۾ آيو آهي، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ وهاب رياض کي ٽيم ۾ هجڻ گهرجي ها، پر ٻنهي کي ٻاهر ڪيو ويو آهي.
