150

ڀارتي ٽي وي اداڪار سڌارٿ شڪلا جي موت بعد گهروارن جو پهريون پيغام جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي اداڪار سڌارٿ شڪلا جي موت کانپوءِ سندس گهروارن پاران پهريون پيغام جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هنن سڌارٿ جي مداحن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سڌارٿ جي مداحن هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، خاندان پاران جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڌارٿ هميشه اسان جي دلين ۾ رهندو، هن ڪڏهن به ڪنهن جي نجي زندگي تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، سندس مداح به هن وقت اسان جي خاندان جي نجي معاملن کي نجي رهڻ ڏيندا. 2

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو