136

پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ عهديدارن جي لاءِ پراپرٽي خريد ڪرڻ ناممڪن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف اي ٽي ايف شرطن تحت گڏيل قومن پاران پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ اسٽيٽ ايجنٽس کي جاري ڪري ڇڏي، پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ عهديدارن جي لاءِ پراپرٽي خريد ڪرڻ ناممڪن آهي، جڏهن ته ايف اي ٽي ايف جي ٽارگيٽ جي سلسلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ عهديدارن جي لاءِ پراپرٽي خريد ڪرڻ ناممڪن ٿي وئي آهي، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ ان جي عهديدارن جي 99 صفحن تي ٻڌل لسٽ جاري، 3676 پابندي مڙهيل تنظيمن جا عهديدار شامل آهن، گڏيل قومن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي عهديدارن جا نالا، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ ٻي معلومات لکيل آهي، سنڌ مان 391، پنجاب مان 2085، ڪي پي ڪي مان 906، بلوچستان ۾991 ۽ اسلام آباد مان 25 ڄڻن جا نالا شامل  آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو