ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ استادن جون هزارين پوسٽون خالي هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران درخواستگذار جو چوڻ هو ته 2017ع ۾ جونيئر ايليمنٽري اسڪول استاد ۽ ارلي چائلڊ هوڊ استاد جي لاءِ امتحان ڏنو، اسان جون 60 مارڪون آيون پر 50 مارڪن وارن کي رکيو ويو. عدالت ايجوڪيشن سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته تعليم کاتي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ استادن جون پوسٽون خالي آهي، توهان وٽ ڪواليفاءِ ماڻهو موجود آهن پر کين ڀرتي ڪرڻ بدران ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو. عدالت مهيني اندر 107 اميدوارن کي ڀرتي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ گڏوگڏ ريمارڪس ڏنا ته جن اميدوارن جي عمر وڌي وئي آهي، انهن کي 3 سالن جي رعايت ڏني وڃي. سيڪريٽري ايجوڪيشن چيو ته ڀرتين لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، اميدوارن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا، پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
