اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي آءِ ٽي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اعتراض واري ڇڏيا آهن، رپورٽ موجب سينيٽ جي پارلياماني معاملن واري ڪاميٽي جو اجلاس تاج حيدر جي سربراهي ۾ ٿيو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آندي وئي آهي، جڏهن ته مشين ۾بائيو ميٽرڪ سڃاڻپ جو نظام ناهي، بٽڻ ۾ايلفي وجهي سان مشين غير فعال بڻجندي، ووٽ ۽ ووٽر جي رازداري يقيني بڻائي وئي آهي، بيلٽ پيپر سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، بريفنگ دوران وفاقي وزير شبلي فراز ۽ افنان الله پاڻ ۾اٽڪي پيا، ان موقعي تي ڳالهائيندي سائنس ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته تڪرار کان بچڻ جو واحد رستو مشين آهي. جڏهن ته سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر ۽ فاروق ايڇ نائيڪ پڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت پنهنجو موقف پيش ڪيو.
