لاهور(ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري صحافين لاءِ فليٽ تعمير ڪرڻ،10 کان 30 لک قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان صحافين ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته صحافين لاءِ 2 هزار ڪئنال زمين تي فليٽ تعمير ڪيا ويندا، ڪامياب پاڪستان اسڪيم تحت 10 کان 30 لک تائين آسان قرض ڏنو ويندو. هن چيو ته اهو قرض لاهور پريس ڪلب، ڪراچي پريس ڪلب، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد، پشاور پريس ڪلب ۽ ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تصديق تي ڏنو ويندو.
125